ڄامشورو: ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ پاران ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ۾ کلي ڪچهري
ڄامشورو (رپورٽ: محمد وارث) ڄامشورو ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي حيدرآباد سيد محمد سجاد حيدر پاران ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ڄامشورو جي سرڪاري حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن جا ٽريزري بابت مسئلا معلوم ڪرڻ ۽ انھن جي حل لاءِ اڄ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ڄامشورو ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي
کلي ڪچهري ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي حيدرآباد سيد محمد سجاد حيدر پاران ملازمن جا پينشن، گريجوئٽي، ڪميوٽيشن، ايل پي آر، جي پي فنڊ بابت مسئلا معلوم ڪري موقعي تي حل ڪيا ويا ان موقعي تي کلي ڪچهري کي خطاب ڪندي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعلي جي اداري پاران عوام کي تڪڙو ريليف فراھم ڪرڻ لاءَ ھر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن ھن وڌيڪ چيو ته سرڪاري حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن جي ٽريزري بابت مسئلن جي حل لاءِ ٽريزري آفيس ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي آهي جنھن جو مقصد ملازمن جا مسئلا معلوم ڪري موقعي تي حل ڪرڻ آھي ھن وڌيڪ چيو ته اڄ جي کلي ڪچهري ۾ ملازمن ۽ پينشنرن جا مسئلا موقعي تي حل ڪيا ويا آھن جڏھن ته ڪجھ مسئلن جي حل لاءِ ٽريزري آفيس جي عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن
ھن وڌيڪ چيو ته ڪنھن بہ ماڻھو کي ڪنھن بہ اداري ۾ جائز ڪم لاءِ پريشان ڪيو ٿو وڃي ته اھي پنھنجون شڪايتون لکت ۾ سندس آفيس ۾ اچي ڪري جمع ڪرائين ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ڄامشورو قربان علي نوناري ٻڌايو ته فنانس کاتي پاران مليل فنڊن تحت ضلع ڄامشورو جي ٽريزري آفيس ۾ پينشنرن جا ڪميوٽيشن، ايل پي آر جي مد ۾ رھيل سمورا ڪيس ٿي ويا آھن
ان موقعي تي اڪائونٽ آفيسر محمد علي چنڙ، اي ڊي اي او اڪائونٽنٽ ممتاز جانوري، آل سنڌ ٽريزري يونين صوبائي نائب صدر حيدرآباد ڊويزن صدر مير عبدالرزاق تراب، ايڊمن شاهنواز بوزدار، آفتاب سھتو،وقاص کهيڙو، عمران ٻٻر، گل حسن نوناري، وحيد چنا، آفيس جي عملدارن ۽ سرڪاري حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن شرڪت ڪئي.
جُون 13, 2025