دادو: معصوم پٽ جي علاج لاءِ پورهيت والد جي داد رسي نہ ٿي، وس وارن کان مدد جي اپيل

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ڇاڻو شاھ آباد جو رهواسي پورهيت مقبول احمد سخيراڻي پنهنجي معصوم پٽ فيضان سخيراڻي کي ساڻ ڪري دادو پريس ڪلب پهتو، جتي ميڊيا سان ڳالھائيندي دلي درد سان ٻڌايو ته سندس پٽ گذريل ڪيترن سالن کان چمڙي جي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا آهي،

 جيڪا هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌي رهي آهي هن ٻڌايو ته پٽ جو علاج دادو، حيدرآباد، نوابشاهه سميت ڪيترن ئي سرڪاري ۽ نجي اسپتالن مان ڪرايو ويو، پر ان جي صحت ۾ ڪا بهتري نه آئي آهي. علاج تي اچڻ واري خرچ سبب سندس گهر ۾ فاقا ڪشي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ٻچن لاءِ ٻن ويلن جي ماني به مشڪل سان نصيب ٿئي ٿي مقبول سخيراڻي وس وارن، سرندي وارن، خيراتي ادارن ۽ خاص طور صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته سندس معصوم پٽ جي علاج لاءِ مدد ڪري کيس نئين زندگي ڏني وڃي

هن چيو ته غربت ۽ بيروزگاري سبب پٽ جو علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي رهي، جيڪڏهن جلد مدد نه ملي ته پٽ جي زندگي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي هوڏانهن دادو پريس ڪلب تي موجود صحافين پڻ واسطيدار اختيارين کي اپيل ڪئي ته مظلوم پورهيت جي فرياد تي ڌيان ڏيندي معصوم ٻار جي علاج لاءِ ترت قدم کنيا وڃن.

جُون 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو