دادو ۾ ننڍي ڀاءُ جي ظلمن کان تنگ وڏا ڀائر دادو پريس ڪلب پهچي فرياد ڪري ڇڏي
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڀٽي ڪالوني جي رهواسين شعيب کوکر ۽ شهاب کوکر دادو پريس ڪلب پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو آهي ته سندن ننڍو ڀاءُ شاهزيب کوکر سندن لاءِ جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ٻنهي ڀائرن جو چوڻ هو ته اسان غريب پورهيت ماڻهو آهيون،
مزدوري ڪري پنهنجي خاندان جو پيٽ پاليندا آهيون، پر اسان جو ننڍو ڀاءُ شاهزيب نه رڳو گهر جو سامان پر پاڙيسرين جو به مال چوري ڪري وڪڻي ڇڏي ٿو، ۽ جڏهن کيس چڱائي سان روڪيو وڃي ٿو ته اسان کي مارڪٽ ڪري ٿو هنن چيو ته شاهزيب جي روين سبب نه رڳو هو پاڻ پريشان آهن، پر پاڙيسرين به تڪليف ۾ مبتلا آهن.
شعيب ۽ شهاب کوکر وس وارن، پوليس ۽ انساني حقن جي ادارن کان اپيل ڪئي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ سندن ڀاءُ خلاف قانوني قدم کڻي انصاف ڏياريو وڃي جيڪڏهن اسان کي يا اسان جي گھر وارن کي ڪو نقصان پهتو ته ان جو ذميوار شاهزيب کوکر هوندو ٻنهي ڀائرن خبردار ڪيو.
جُون 12, 2025