ملير: حاجي عبدالغفار حيدر پاران سپريم ڪائونسل جي ميمبرن جي اعزاز ۾ شاندار عيد ملن عشايئي جو اهتمام
ملير (ڊر) اولڊ ٿاڻو جي ممتاز سماجي شخصيت حاجي عبدالغفار حيدر پاران سپريم ڪائونسل جي ميمبرن جي اعزاز ۾ هڪ شاندار عيد ملن عشايئي جو اهتمام ڪيو ويو،
جنهن ۾ علائقائي اتحاد، ترقي ۽ فلاح جي مقصدن تي زور ڏنو ويو۔
عشايئي کانپوءِ ٿيل سپريم ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڻي، بجلي، انفرااسٽرڪچر سميت ٻين علائقائي مسئلن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔
اجلاس ۾ گڏيل مشاورت سان ڪيترا اهم فيصلا ڪيا ويا، جن مان ڪجهه هيٺين ريت آهن: ڪنوينر جو عهدو ختم ڪري اهو طئي ڪيو ويو ته هاڻ جنهن ميمبر جي ميزبانيءَ هيٺ اجلاس ٿيندو،
اُهو ئي ان جي صدارت ڪندو۔ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪميٽين کي سرڪاري طور سپريم ڪائونسل جي ليٽر هيڊ تي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي،
جيئن انهن جي سرگرمين کي رسمي حيثيت ملي۔ شرڪاءِ متفقه طور تي اهو عزم ظاهر ڪيو ته هو هر قسم جي لساني، نسلي، گروهي ۽ سياسي تعصب کان مٿي ٿي، اولڊ ٿاڻو ۾ اتحاد، يڪجهتي ۽ فلاح لاءِ ڪم ڪندا رهندا۔ اجلاس ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته سپريم ڪائونسل جو ڪو به سياسي ايجنڊا نه آهي، بلڪه ان جو مقصد هڪ مهذب، تعليم يافته، هنر مند ۽ صحتمند معاشري جي جوڙجڪ آهي، جنهن لاءِ سڀ ميمبر پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪندا۔
اجلاس جي پڄاڻيءَ تي حاجي عبدالغفار حيدر جي شاندار ميزباني ۽ خلوص جي جذبي تي سڀني شرڪاءِ سندن خاص طور ٿورا ادا ڪيا ۽ سندن خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي۔
ملير(ڊر) بن قاسم ٿاڻي جي حد پپري جي مختلف علائقن ۾ حساس ادارن ۽ پوليس جا ڇاپا
نيو علي محمد ڳوٺ ويجهو پاڪستان اسٽيل ملز ۽ سرڪاري چانور گودامن مان ڪروڙين روپين جي چوري ۾ ملوث مرڪزي ڪردار مختيار لاشاري جي گهر تي ڇاپو
مختيار لاشاري گرفتاري بعد نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو
وارثن پاران مختيار لاشاري جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي
رات ڌاري نامعلوم ماڻھو پوليس وردين ۽ سول ڊريس ۾ ملبوث گهر جي عمارت جو گهيراء ڪرڻ بعد عمارت ۾ داخل ٿيا مختيار لاشاري سميت گهرڀاتين ۽ ڪرائيدارن کي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن بعد مختيار لاشاري کي کڀني کڻي ويا ۔وارث
بن قاسم ٿاڻي جي آپريشنل پوليس ۽ جاچ پوليس پاران ڪاروائي جي ترديد ڪندي چيو ته اسانکي ڪا به ڄاڻ ناهي ته مختيارلاشاري کي ڪنهن اداري گرفتار ڪيو آھي ۔
مختيار لاشاري اسٽيل ملز ۽ سرڪاري چانور گودامن مان چوري جون ايف آئي آر درج هنيون ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪيس داخل اٿن ڪا خبر ناهي ڪنهن کنيو اٿس ۔بن قاسم پوليس.
جُون 12, 2025