دادو: نوجوان پاران مبينا طور پسٽل سان لوندڙي تي فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ايڪسائيز آفيس ڀرسان افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي 16 سالا نوجوان عمران ولد حبيب ﷲ لغاري مبينا طور پنهنجي گهر جي ڪمري ۾ پسٽل سان پنهنجي لوندڙي تي فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي،

اطلاع ملڻ تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو منتقل ڪيو. پوليس موجب، ابتدائي جاچ مان لڳي ٿو ته واقعو خودڪشي آهي،

 جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي ته جيئن واقعي جا اصل سبب معلوم ٿي سگهن ياد رهي ته عمران لغاري جي مبينا خودڪشيءَ سبب علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي آهي،

 ۽ پاڙي وارا به افسوس جو اظهار ڪري رهيا آهن. ايس ايڇ او بي سيڪشن ميڊم بينظير جمالي ٻڌايو ته فوتي جي گهر وارن جا بيان ۽ ٻيا لاڳاپيل ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن، جنهن بعد مڪمل حقيقت سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ميڊيا کي پڻ آگاهي ڏني ويندي.

جُون 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو