دادو ۾ 5 سالن جو ٻارڙو مبينا زيادتي جو شڪار،جوابدار پاران زيادتي بعد قتل ڪرڻ جي ڪوشش،
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو جي لطيف شاھ ڪالوني ۾ 5 سالا معصوم ٻارڙي سان مبينا زيادتي جوابدار زيادتي بعد قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٻارڙي جي حالت خراب وارثن جي پهچڻ تي جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو زيادتي جو شڪار 5 سالا ساحل ولد ابوبڪر ڀنڊ کي بيهوشي واري حالت ۾ دادو اسپتال منتقل ڪيو ويو،
جتي سندن جو علاج هلندڙ آهي ڊيوٽي ڊاڪٽرن پاران ابتدائي چڪاس ۾ زيادتي جو شڪ پڻ ظاهر ڪيو آهي، بي سيڪشن پوليس ٿاڻي تي زيادتي جي شڪار ٿيل نينگر جي والد فريادي ابوبڪر پٽ عزيز اللہ ڀنڊ ويٺل لطيف شاھ ڪالوني دادو جو پي ايس تي پهچي حقيقت ڪيائين تہ جوابدار امير علي سولنگي ويٺل لطيف شاھ ڪالوني جو منھنجي پٽ ساحل عمر اٽڪل 4/5 سال سان بدفعلي ڪئي آھي پوليس فريادي جي رپورٽ داخل ڪري ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏئي جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي،
جُون 12, 2025