ڦُلجي اسٽيشن: نون گهرن جي مالڪاڻا حقن بابت تقريب جو اهتمام
ڦُلجي اسٽيشن (رپورٽ:غلام حيدر پنھور) ڪئمپس بوائز پرائمري اسڪول ڦلجي اسٽيشن جي گرائونڊ ۾ سنڌ حڪومت پاران برسات متاثرن کي نوان گهر ٺھرائي ڏيڻ کان پوء سندون ڏئي مالڪاڻا حق ڏيڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي
تقريب ۾ ايم ،پي،اي،دادو پير مجيب الحق پاران سوين متاثرن کي گھرن جو مالڪ ڪرڻ لاء سند سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيا ، سموري سنڌ جيان سنڌ حڪومت طرفان ڦلجي توڙي آس پاس جي برساتي ٻوڏ سبب ڊهي ويل گهرن کي نئين سر تعمير ڪرائي سوين بي گھر متاثرن کي سندون ڏئي مالڪاڻا حقوق ڏيڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي ،
تقريب ۾ ايم پي، اي، دادو بئريسٽر پير مجيب الحق ، قاضي امتياز احمد، قريشي ، اي، سي، دادو سميع الله وڳڻ ، مختيارڪار دادو شيراز پنهور ،ارباب پنهور، رائو انور علي راجپوت ،اسحاق ساقي ، امتياز پنهور ، علي شير پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، ايم،پي،يي دادو پير مجيب الحق سوين برسات,متاثر بي گهرن کي گهرن جي مالڪ هئڻ جا سرٽيفڪيٽ ڏئي گهرن جي مالڪ هئڻ جا حقوق ڏئي ڇڏيا ،
ان موقعي تي پير مجيب الحق چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي ، غريب مسڪينن جي پارٽي آهي ، برساتي ٻوڏ جي تباه ڪارين ۾ هزارين غريب مسڪينن جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا ۽ هو بي گهر ٿي ويا هئا ، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سموري سنڌ ۾ ھزارين بي گهر پورهيتن کي نوان گھر تيار ڪرائي ڏنا آهن اڄ ڦلجي جي سوين بي گھر متاثرن کي سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ ڏئي کين مالڪاڻا حقوق ڏئي رهيا آهيون ، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي خدمت تي يقين رکي ٿي ،
مخالف سنڌ حڪومت خلاف اجايو واويلا ڪري عوام ۾ نفرت پکيڙڻ جون ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آهن ، پاڻي اسانجو جياپو آهي اسين به سنڌ ڄاوا آهيون پاڻي جو سودو ڪڏهن به ڪونه ڪنداسين ،ھن وڌيڪ چيو ته آء 5 ڪروڙ روپيا ڦلجي جي واٽر سپلائي اسڪيم ، پبلڪ پارڪ ۽ راند جي گرائونڊ لاء 5 ڪروڙ رپيا مختص ڪريان ٿو ،تمام جلد شهر جا جيڪي به بنيادي مسعلا آهن اهي حل ڪرايا ويندا ، جنهن تي رهواسين پاران خوشي اظھار ڪندي سندس شڪريو ادا ڪيو ويو.
جُون 12, 2025