بجيٽ 26-2025 عام ماڻهن لاءِ انگن جو گورک ڌنڌو
قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 2025-26 جو وفاقي بجيٽ پيش ڪيو ويو، جنهن دوران ناڻي واري وزير پارليامينٽ کي معيشيت جي انگن اکرن، اميدن ۽ سرڪاري ڪاميابين سان ڀريل هڪ ڊگهي تقرير سان خطاب ڪيو. پر سوال اهو آهي ته ڇا اها تقرير عام ماڻهو جي دل جي ڳالهه هئي؟ ڇا ان ۾ غريب، بي روزگار، مهانگائيءَ جي مار ۾ پيل ۽ زرعي بحران جو شڪار ماڻهن لاءِ ڪا اميد جو پيغام هو؟
هن بجيٽ ۾ گهڻو زور ٽيڪس وڌائڻ تي ڏنو ويو آهي، جيئن ته حڪومت آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ چاهي ٿي. پر عام ماڻهن لاءِ رليف صرف لفظن تائين محدود رهيو. نئين ٽيڪسن، بجلي، گئس، ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌ جو اثر سڌو سنئون غريب ۽ وچولي طبقي تي پوندو.
هڪ ڀيرو ٻيهر ڏسڻ ۾ آيو ته دفاعي خرچن ۾ نمايان واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته تعليم، صحت، زراعت، عورتن جي بهتري، ۽ موسمي تبديليءَ جهڙن اهم معاملن لاءِ فنڊ يا ته گهٽ آهن يا صرف اشاري طور موجود آهن. خاص ڪري موسمي آفتن کان متاثر سنڌ، جتي ٻوڏ کانپوءِ بحالي اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي، ان لاءِ وفاقي بجيٽ ۾ ڪو خاص حصو مقرر نه ڪرڻ افسوسناڪ آهي.
اپوزيشن پارٽين بجيٽ کي “عوام دشمن” ۽ “ڌاڙيل پاليسيءَ جو نتيجو” قرار ڏنو، پر افسوس ته ايون ۾ بحث بدران هُلڙبازي، نعره بازي، ۽ الزامن جو ڏي وٺ رهيو، جيڪو جمهوريت جي روح سان مطابقت نٿو رکي.
بجيٽ جو مطلب صرف مالي انگ اکر پيش ڪرڻ نه آهي، پر اهو سماج سان سرڪار جو هڪ واعدو هوندو آهي. جڏهن هي واعدو عوام جي بنيادي ضرورتن، سندن حقن ۽ اميدن کي نظرانداز ڪري ٿو، ته پوءِ اهو واعدو بي معنيٰ بڻجي وڃي ٿو.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا هي بجيٽ عام شهريءَ لاءِ ڪا بهتري آڻيندو يا فقط سرڪاري رپورٽن لاءِ هڪ ٻيو فائيل ڀري ڇڏيندو؟