ڄامشورو: المنظر پل وٽ 9 ورهين جو نينگر پاڻي ۾ ٻڏي فوت، ٻن ڏينهن ۾ چوٿو افسوسناڪ واقعو
ڄامشورو ( رپورٽ: محمد وارث) ڄامشورو المنظر سنڌو درياھ جي ڊائون اسٽريم ۾ پاڙي جي ننڍڙن ٻارڙن سان المنظر تي گھمڻ ويل ڳوٺ عبدالله چاوڙو واسي 3 درجي جو شاگرد ۽ ھوٽل تي مزدوري ڪندڙ جو پٽ
9 سالا نينگر محمد يامين جمالي پٽ واحد بخش جمالي پاڻي ۾ وھجڻ دوران اونھي پاڻي ۾ وڃڻ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو جنھن کي مقامي ٽوٻن ٽن ڪلاڪن جو ڳولا بعد لاش ھٿ ڪري وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آھي ان حوالي سان فوتي نينگر جي وارثن جو چوڻ آھي تـ اسان جو ننڍڙو منجهند هم عمر دوستن سان گڏجي المنظر پل تي گهمڻ لاءِ ويو جتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت . ٻارڙن پاران دانهون ڪرڻ تي بعد ۾ اسان کي اطلاع. ڏنو ھو
ياد رھي النظر پل تي وھجڻ تي پابندي ھجڻ باوجود گھمندڙ ماڻھو پاڻي ۾ سرعام وھنجي رھيا آھن پر پوليس انھن خلاف ڪابـ ڪاروائي نٿي ڪري
ياد رھي تـ 2 ڏينھن اڳ ساڳئي ھنڌ 3 ٽي ڄڻا ٻڏي فوت ٿيا آھن ۽ ھي چوٿيون واقعو پيش آيو آھي.
جُون 11, 2025