وڳڻ پوليس پاران ڳجهي اطلاع  تي ڪارروائي، قتل ڪيس جو مک جوابدار گرفتار

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو) وڳڻ پوليس ڳجهي اطلاع  تي ڪارروائي ڪندي قتل ڪيس جي مک جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو تفصيل موجب، وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪلهوڙا مغيري ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ سنڱاوتي مامري تان فائرنگ ڪري غلام مصطفى مغيري کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي ايف آءِ آر مقتول جي وارثن جي فرياد تي داخل ڪئي وئي هئي.

ايس ايڇ او وڳڻ سيد وريل شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي مک جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ به ڇاپا هڻڻ جو سلسلو جاري آهي.

جُون 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو