وڳڻ: گھمڻ ويل ٻه نوجوان روڊ حادثي ۾ فوت، مڙھ گھر پهچڻ تي ڪهرام، علائقي ۾ سوڳ
وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو (وڳڻ واسي ٻه ڳڀرو نوجوان روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويا مڙھ گھر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو علائقو سوڳوار بڻجي ويو تفصيل موجب عيد کان بعد بلوچستان گھمڻ ويل وڳڻ واسي ٻه نوجوان نبي بخش مينگل ۽ سندس دوست آصف مغيري روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويا،
مقتولن جا مڙھ ايمبولينس وسيلي سندن وڳڻ شھر آنڌا ويا، مڙھ گھر پھچڻ سان ئي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو، انھي حوالي سان مقتولن جي وارثن جو چوڻ ھو نوجوان بلوچستان جي علائقي خضدار گھمڻ ويل ھا، اڄ واپسي تي قبو سعيد خان وٽان تيز رفتار ويگن سندن کي ٽڪر ھڻي سخت ڪري ڇڏيو
جڏهن ته زخمي نوجوانن کي مقامي ماڻهن کڻي لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر پھچايو زخم گھرا ھجڻ ڪري ٻئين ڄڻا فوت ٿي ويا، جنھن بعد مقتولن جي مڙھن کي سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، وارثن سان تعزيت جو سلسلو ھلندڙ آھي.
جُون 11, 2025