پوسٽ بجيٽ ڪانفرنس ۾ ” حڪومتي رويي “ خلاف صحافين جو احتجاج، واڪ آئوٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي بجيٽ تي ٽيڪنيڪل بريفنگ نه ملڻ ۽ مبينا طور صحافين سان حڪومتي رويي خلاف صحافين ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.
اربع جي منجهند جيئن ئي بريفنگ شروع ٿي ته صحافين اُٿي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ هال مان ٻاهر نڪري ويا.
واضح رهي ته پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي انتهائي اهميت ڏني ويندي آهي، ڇو ته ان ۾ بجيٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ وفاقي وزيرن ۽ اقتصادي ماهرن طرفان بجيٽ جي تفصيلن بابت وضاحت ڪئي ويندي آهي ۽ صحافين جي سوالن جا جواب ڏنا ويندا آهن.
صحافين جو چوڻ هو ته بجيٽ تي رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ ضروري ٽيڪنيڪل بريفنگ نه ملڻ سبب کين ڪم ۾ پريشانين جو منهن ڏسڻو پيو، صحافين موجب، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اختيارين سان نه رابطو ٿي رهيو آهي، نه ئي اهي صحافين جي سوالن جا جواب ڏئي رهيا آهن.
صحافين حڪومتي رويي کي ” اڻ وڻندڙ “ قرار ڏيندي چيو ته اهڙي بي ڌياني ناقابل قبول آهي.