عمران خان جي پولي گراف ۽ فوٽو گراميٽڪ ٽيسٽ لاءِ پوليس جي درخواست رد

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي پولي گراف ۽ فوٽو گراميٽڪ ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ پوليس طرفان داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي .
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس کي ٻه ڀيرا موقعو ڏنو ويو ته هو جوابدار جو ٽيسٽ ڪرائي، پر پوليس ان حوالي سان ڪارروائي نه ڪري سگهي.
عدالت جو چوڻ هو ته جوابدار کي پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪرڻ لاءِ ٻه موقعا ڏنا ويا، پر جوابدار جي ضد سبب اهي موقعا ضايع ٿي ويا.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته جڏهن جوابدار ٻه دفعا انڪار ڪري چڪو آهي ته ٽيون موقعو ڏيڻ رڳو وقت جو زيان هوندو.
عدالت وڌيڪ چيو ته هي پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي جتي جوابدار پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، تنهنڪري وڌيڪ موقعو ڏيڻ جي ضرورت ناهي.
عدالت ان کانپوءِ جاچ آفيسر کي هدايت ڏني ته هو هر قانوني طريقي سان جاچ مڪمل ڪري.