“اسٽيل مل اسڪريپ ڪئي ويندي، نقصان ڏيندڙ سرڪاري ادارا بندڪرڻا پوندا“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداواري معاملن بابت خاص مددگار هارون اختر چيو آهي ته اسٽيل مل کي اسڪريپ ڪيو ويندو، ڇو ته ان جي بحالي جا امڪان گهٽ آهن ۽ نقصان ڏيندڙ سرڪاري ادارن کي بند ڪرڻو پوندو.
هڪ بيان هارون اختر چيو ته وزيراعظم شهباز شريف مهانگائي گهٽائي عوام کي تحفو ڏنو آهي ۽ هاڻي اهي سرڪاري ادارا جيڪي مسلسل نقصان ڏئي رهيا آهن، تن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن ٻڌايو ته حڪومت جي نئين ٽيرف پاليسي آئي آهي، جنهن سان پيداوار جي لاڳت گهٽ ٿيندي، وياج جي شرح اڳ ۾ ئي گهٽجي چڪي آهي ۽ وڌيڪ گهٽ ٿيندي، جڏهن ته ٽيڪس جي شرح به گهٽبي.
هن چيو ته برآمد تي ڌيان ڏيندڙ صنعتي پاليسي کڻي آيا آهيون، جنهن سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌندي ۽ اسان جو ويزن آهي ته پاڪستان جي صنعتي واڌ 6 کان 7 سيڪڙو تائين پهچي.
سرڪاري ادارن کي خانگائڻ بابت ڳالهائيندي هارون اختر چيو ته اسٽيل مل جي بحالي جا امڪان تمام گهٽ آهن، تنهنڪري ان کي اسڪريپ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز ۾ به بي ضابطگيون ٿيون ۽ اهڙا ماڻهو آيا جيڪي نه اچڻ گهرجن ها.