چوري ٿي ويل بڪري واپس ڪرائي چورن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي: مسمات کيران

Spread the love

ٺٽو(نظير احمد قريشي) ٺٽي شھر جي ڪچي آبادي شيرازي ھائوس ڀرسان رھندڙ پيرسن بيواھ عورت کيران زال مرحوم عبدالله ملاح ٺٽي ۾ صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ سندن ڪمائڻ وارو ڪوبہ ناھي،

 ھوء خيرات وٺي ان تي گذران ڪري ٿي، ھن چيو تہ ھڪ ھفتو اڳ ھن خيرات جا پئسا گڏ ڪري ان مان ھڪ ٻڪري ورتي ھئي، جيڪا چور چوري ڪري ويا، جنھن جو اطلاع ٺٽي ٿاڻي تي پوليس کي ڏنو پر پوليس سندس ڪابہ مدد ڪرڻ لاء تيار ناھي، بيواھ کيران چيو تہ ھن ھاڻي چورن جو پتو لڳائي پوليس وٽ چورن جي نشاندھي بہ ڪئي اھي،

جنھن ۾ جلباڻي بروھي ڳوٺ جا رھواسي 2 چور غلام بروھي ۽ سندس ساٿي شامل آھن، پر پوليس چورن خلاف ڪابہ ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھن ايس ايس پي ٺٽو ۽ سي آء پوليس ٺٽي جي انچارج ممتاز علي بروھي کي اپيل ڪئي تہ ساڻس انصاف ڪري سندس چوري ٿي ويل بڪري واپس ڪرائي چورن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

 ياد رهي ته جلباڻي بروهين چورين ۾ تر تپائي ڇڏيو آهي ڪافي دفعه ايس ايس پي ٺٽو کي عوام شڪايتون ڪيون آهن سڳ سوڌو وڊيو ڏنيون آهن ليڪن پوليس اُنھن چورن سان ٻٽ آهي اُن ڪري پوليس ڪو به ايڪشن ڪون ٿي کڻي.

جُون 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو