سکر: شفقت شاہ پاران عوامي دوست بجٽ پيش ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد
سکر( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ )شفقت شاہ پاران عوامي دوست بجٽ پيش ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد۔خبر موجب نامور سينئر سياستدان ء سماجي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سيد شفقت علي شاه چيو آهي ته حڪومت مختلف پروگرامن ذريعي غريب عوام کي رليف فراهم ڪيو آهي. هن مشڪل معاشي حالتن جي باوجود ڪاروبار، سرمايه ڪار دوست ۽ عوام لاءِ فائدي وارو بجٽ پيش ڪرڻ تي وزيراعظم ء سندس ٽيم کي خراج تحسين جو حقدار آھي.
وفاقي بجٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان ايڊووڪيٽ سيد شفقت علي شاه چيو ته 2025-26 جي وفاقي بجٽ ۾ عام ماڻھن جي سهولت لاءِ مڪمل ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن برقي ۽ پيٽروليم شعبن ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.
هن چيو ته هن ملڪ جي غريب عوام عوام جي معيشت ۽ طرز زندگي کي بهتر بنائڻ تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آهي. شفقت شاه وزيراعظم کي معيشت کي مثبت سمت ۾ کڻي وڃڻ تي مبارڪ ڏني.
جُون 10, 2025