پوليس اهلڪارن ۽ نامعلوم ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي: مسمات شازيه

Spread the love

سکر (رپورٽ:  امداد گل ڪلوڙ) پراڻي سکرجي نصرت ڪالوني نمبر 5 جي رهواسي ڪيمبوهه برادري جي شازيه زال صابر علي ڪيمبوهه پنهنجي ڏيرن ۽ پوليس طرفان غير قانوني گرفتاري ۽ ظلم ۽ ناانصافين خلاف سکر پريس ڪلب جي اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڏير بابر علي۔ڪفايت علي ۔زين العابدين گهر تي زبردستي قبضو ڪرڻ لاء کيس زبردستي بي دخل ڪرڻ لاء ڌمڪيون ڏين پيا

 جنهن تي حد ٿاڻي تي انهن خلاف اين سي داخل ڪرائي هئي جنهن کانپوء گزريل ڏينهن زين العابدين پوليس اهلڪارن ۽ ليڊيز پوليس سان گڏجي دهشتگردن جيان منهن تي ڪارو ڪپڙو ٻڌي اڻڃاتل هند قيد ڪري تشدد جو نشانو بڻايو جڏهن ته منهنجي ٻارن رات سکر پريس ڪلب تي احتجاج ڪيو هو جنهن بعد اڄ کيس آزاد ڪيو ويو آھي آزادي ملڻ کانپوء سڌي پريس ڪلب پهتي آھيان هن ٻڌايو ته سندس مڙس ٽن مهينن کان ڪمائڻ لاء ويو آھي غربت سبب ڪپڙا سلائي ڪري ٻارن جي ڪفالت ڪندي آھيان۔

ڏيرن مان مونکي ۽ ٻارڙن جي حياتن کي خطرو آھي ۔متاثر عورت چيف جسٽس آف سنڌ هائي ڪورٽ ۔آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪئي آھي ته ڏيرن ۽ انهن جي ساٿاري پوليس اهلڪارن سميت نامعلوم ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرائي مون ۽ منهنجي ٻارن کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

جُون 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو