سکر لوڪل بورڊ واسي ڀينرن جو ڀائرن جي ظلم و زيادتي خلاف احتجاج

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر لوڪل بورڊ جي رهواسي ڀينرن جو ڀائرن جي ظلم زيادتي خلاف احتجاج، ملڪيت جي معاملي تي 7سالن کان ذهني جسماني تشدد جو نشانو شڪار ڀينرن جا ڀائرن مٿان ملڪيت تي قبضي جا الزام  ان سلسلي ۾ سمرين صديقي، نوشين صديقي اريبا صديقي سول اسپتال سکر ۾ داهيندي ٻڌايو ته اسان پنج ڀينر ۽ ٽي ڀائر آهيون

جڏهن ته ٻه ڀينرن جي  شادي ٿيل آھي ڀاءُ محسن احمد صديقي، فرخ احمد صديقي، ۽ سعد احمد صديقي والد جي ملڪيت ۽ ڪاروبار تي قبضو ڪيو آھي گذريل ڏينهن به ٽن ڀائرن گڏجي گهر ۾ بي رحماڻو تشدد ڪيو ۽ وڏي ڀاءُ جي زال فرح به ڪيترائي ڀيرا تشدد ڪيو آھي ڀائر والد جي ملڪيت مان  حصو ڏيڻ بجاء مارڪٽ ڪن ٿا

جڏهن ته اسان جون شاديون به نه ٿا ڪرائن واقعي جي حد ٿاڻي سي سيڪشن تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ وياسين ته پوليس 30 هزار رپيا رشوت گهري جڏهن ته سادن ڪپڙن ۾ پوليس وارا اچي معاملي ختم ڪرڻ لاء زور ڀرن پيا هنن ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کي تشدد واقعي جو نوٽيس وٺندي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

جُون 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو