مٺي لڳ روڊ حادثو، هڪ نوجوان جمعون پٽ پرڀو ڀيل موقعي تي فوت

Spread the love

مٺي (ڊ-ر) گذريل رات مٺي ڀر سان پاٻوهر موڙ لڳ پاربرهم جي ويجهو  فقير پارنرهم جي ميلي تان واپس موٽندڙ ڪار ادان اوچتو موٽر سائيڪل کي زور دارر  ٽڪر، نتيجي ۾ ڳوٺ ڀارمليو واسي هڪ نوجوان جمعون پٽ پرڀو ڀيل موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،

 اطلاع تي فوتي نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان زخمين جي حالت خراب هجڻ سبب حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. جڏھن ته فوتي نوجوان جو لاش سول اسپتال مٺي مان ضروري ڪاررواين بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

جُون 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو