اسان ڏيوالي جي چائنٽ ٽپي معاشي استحڪام ڏانهن وکون وڌائي رهيا آهيون: عطا تارڙ

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اپوزيشن وارا پاڪستان جي ڏيوالي ٿيڻ تي شرطون لڳائي رهيا هئا.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بهترين بجيٽ هوندي، وزيراعظم شهباز شريف هميشه ريلف ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ملڪ ۾ مهانگائي گهٽي ۽ مجموعي ترقيءَ ۾ وڌارو ٿيو آهي.
هن چيو ته اپوزيشن جي گذريل ڏينهن واري پريس ڪانفرنس ڏسي ڏاڍو ڏُک ٿيو، اپوزيشن وٽ معاشي انگ اکر نه هئا، مخالف ڌر کي بجيٽ بابت تياري ڪرڻ گهرجي .
عطا تارڙ جو چوڻ هو ته اسان ڏيوالي جي چائنٺ ٽپي معاشي استحڪام ڏانهن وکون وڌائي رهيا آهيون، اپوزيشن وارا پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ تي شرطون لڳائي رهيا هئا.

جُون 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو