نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرڪجي اغواه، ڌاڙيلن پاران تشدد واري وڊيو وائرل، 25 لک ڀنگ جو مطالبو،

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو جي ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ دٻي واسي نوجوان برڪت ولد آندل سولنگي عورتاڻي آواز ۾ فون ذريعي هرکجي اغوا ٿي ويو آهي. اطلاع موجب برڪت سولنگي لڳ ڀڳ ٻه هفتا اڳ فوج ۾ ڀرٿي ٿيڻ لاءِ سکر روانو ٿيو هو،

 جنهن کانپوءِ هو لاپتا ٿي ويو. اغوا جي حوالي سان تازو نئون رخ تڏهن سامهون آيو،جڏهن نوجوان جي تشدد سان ڀرپور وڊيو ڌاڙيلن پاران سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي،

جنهن ۾ نوجوان کي بيدردي سان تشدد ڪيو پيو وڃي. اغوا ڪار مبينا طور تي نوجوان جي فون تان وارثن سان رابطو ڪري 25 لک رپيا ڀنگ جو مطالبو ڪيو آهي نوجوان جي والد آندل سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو   ته اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون، 25 لک ڀنگ ڏيڻ اسان جي وس جي ڳالهه ناهي. منهنجي پٽ کي بي گناهه اغوا ڪيو ويو آهي،

 اسان جو ڪو به ڏوهه ناهي. ان موقعي تي نوجوان جي وارثن، ڳوٺاڻن ۽ شهرين پاران به سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته نوجوان جي حياتي خطري ۾ آهي، جڏهن ته ڌاڙيل بي خوف ٿي سوشل ميڊيا تي وڊيوز وائرل ڪري رهيا آهن.

وارثن وس وارن، سرندي وارن، ضلعي انتظاميه، پوليس، ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته نوجوان برڪت سولنگي جي بازيابي لاءِ ترت ۽ موثر قدم کنيا وڃن، ته جيئن سندس جان بچي سگهي،

جُون 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو