وڳڻ: تونيه برادري جي چڱي مڙس حاجي عبدالجبار تنيو پاران برادري جي سردار الطاف حسين تنيو سان لاتعلقي جو اعلان
وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو) وڳڻ ويجهو ڳوٺ ياروديرو واسي تونيه برادري جي سماجي اڳواڻ حاجي عبدالجبار تنيو پنهنجي ئي برادري جي سردار الطاف حسين تنيو سان لاتعلقي جو اعلان ڪندي واضح ڪيو ته هو تونيه برادري جو خيرخواهه آهي، پر ڪجهه وقت کان سندن سردار الطاف حسين تنيو جي برادري سان غلط روين جي ڪري شديد اختلاف آهي، جيڪي برادري جي مفاد بدران ذاتي فائدي تي ٻڌل آهن،
هن جو چوڻ هو ته هو پنهنجي ذميواري سمجهي ٿو ته اهڙي قيادت کان پاڻ کي الڳ ڪري، جيڪا ذاتي انا ۽ فائدي خاطر برادري جي نالي کي نقصان پهچائي، حاجي عبدالجبار تنيو واضع طور چيو ته هو برادري جي عام ماڻهن سان لاڳاپيل رهندو، پر سردار الطاف حسين تنيو سان هاڻ سندس ڪو به واسطو نه رهندو، جلد ئي پاڪستان جي چئني صوبن ۾ رھندڙ برادري جي ماڻھن کي گھرائي گڏجاڻي ڪري سردار چونڊيو ويندو،
جُون 9, 2025