دادو: پير مظهر الحق جو بلاول ڀٽو جي ذهانت ۽ قابليت جي تعريف، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ تي ڳالھه
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) پاڪستان پيپلز پارٽي سي اي سي ميمبر، اڳوڻو سينيئر صوبائي وزيرِ تعليم سنڌ ۽ سينيئر پارليامينٽيرين پير مظهر الحق چيو آهي ته بلاول ڀٽو جي ذهانت ۽ قابليت کي سلام آهي، هو عالمي معاملن تي بلڪل پنهنجي نانا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وانگر ڳالهائي ٿو،
سيد سردار شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ واري جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، انهيءَ سان سهمت آهيان، پر قصو اڃا چڙهيل آهي، ڏاڏي اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير پير الاهي بخش کان وٺي پ پ سان وفادار آهيان، پارٽيءَ جي جهنڊي ۾ ئي دفن ٿيندس. اهڙو اظهار هن لانڍي ۽ ڀان سيدآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ڀان سيدآباد منهنجو پنهنجو شهر آهي ۽ هتي اسان جا غريب دوست آهن، آئون ته چوان ٿو ته سياست ۾ فضيلت آڻڻ گهرجي،
آئون پنهنجي ڏاڏي پير الاهي بخش کان پيپلز پارٽيءَ ۾ آهيان، ريل ۽ جيل ڪاٽي به پارٽيءَ سان وفادار رهيو آهيان، انشاءَ الله منهنجو اولاد مون کي پارٽيءَ جي جهنڊي جو ڪفن ڏئي دفن ڪندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري جي آمريڪا دوري بابت پير مظهر الحق چيو ته بلاول ڀٽو عمر ۾ ننڍو آهي پر اسان جو وڏو آهي،
هو بلڪل پنهنجي نانا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وانگر ڳالهائي ٿو، هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي ايجنسي آءِ ايس آءِ ٽيڪنيڪل معاملن ۽ امن جي بحاليءَ لاءِ سي آءِ اي ۽ ڪي جي بي سان رابطو ڪري سگهي ٿي ته دهشتگرديءَ کي گهٽائڻ لاءِ را سان به ڪري سگهي ٿي، اها ڳالهه عوام کان لڪل نه هجڻ گهرجي،
بلاول ڀٽو زرداري حقيقت پسنديءَ واري ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته وزيرِ تعليم سيد سردار شاهه پاران اسيمبلي فلور تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي رشوت بازاري بابت ڏنل بيان واري سوال جي جواب ۾ پير مظهر الحق چيو ته سيد سردار شاهه سلجهيل ماڻهو آهي، هن ضمير جي آواز مطابق سچ ڳالهايو آهي. هُن لک جي ڳالهه ڪئي آهي،
پر گهٽائي ڳالهه ڪئي اٿس، قصو اڃا به چڙهيل آهي، آئون سردار شاهه سان سهمت آهيان ۽ کيس سلام پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ريٽ لڳا پيا آهن.
ان کان اڳ پير مظهر الحق ڀان سيدآباد پهتو ته وڏي انگ ۾ پ پ ڪارڪنن پاران مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ لونگين توڙي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا، ان موقعي تي پير مظهر الحق علي سي اين جي تي روشن علي ٻرڙو جي چانهه پارٽي ۽ دريا خان لغاري جي رهائشگاهه تي سندس چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي.
هن موقعي تي پ پ ايم پي اي پير مجيب الحق، غلام حيدر کوسو، خالد حسين ميراڻي، غلام شبير ٻرڙو، محمداسحاق ميمڻ، امداد علي ڏاوڇ، جهنڊو خان پنهور ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
جُون 9, 2025