سکر: عيدالاضحيٰ دوران فول پروف سيڪيورٽي انتظامات، 4502 پوليس اهلڪار شهر ۾ تعينات

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سکر رينج ۾ فول پروف سيڪيورٽي انتظامات ۽ ڊيوٽي لاءِ (4502) پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. سکر پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان مطابق ڊي آءِ جي سکر رينج، فيصل عبدالله چاچڙ جي هدايتن تي عيد قربان جي موقعي تي سکر رينج جي 03 ضلعن جي (229) مسجدن، (48) امام بارگاهن، (529) عيدگاهن ۽ عيد جي نماز لاءِ ٻين کليل هنڌن تي ٿيندڙ اجتماع، (61) تفريحي هنڌن، مال جي منڊين، شاپنگ سينٽرن/بازارن، پوليس پڪٽس، قرباني جي جانورن جي کلن جي گڏ ڪرڻ لاءِ حڪومت سنڌ جي ضابطي اخلاق تي عمل ڪرائڻ سميت کلن جي گڏ ڪرڻ وارن پوائنٽن تي (4502) کان وڌيڪ مرد ۽ عورت پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو

.ان کان علاوه (101) کان وڌيڪ پوليس موبائيلز ۽ (177) کان وڌيڪ پوليس موٽر سائيڪلن تي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن طرفان پيٽرولنگ جي ڊيوٽيون ڏنيون ويون. ساڳئي وقت ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 15 مددگار جي نفري اسٽينڊ بائي طور موجود رهي.

ان کانسواءِ، رينج آفيس سکر ۾ عيدالاضحيٰ سيڪيورٽي پلان جي نگراني لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو هو، جڏهن ته سکر رينج جي ٽنهي ضلعن ۾ به علحده ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا هئا.

جُون 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو