سکر: عيدالاضحيٰ تي شهرين پاران سنت ابراهيمي تي عمل، قرباني ۽ مستحقن ۾ گوشت ورهاست جو سلسلو جاري

Spread the love

سکر (رپورٽ:  امداد گل ڪلوڙ) ملڪ جي ٻين شهرن وانگر سکر شهر ۾ به عيدالاضحيٰ جي ٽنهي ڏينهن دوران سنت ابراهيمي جي ادائيگي جو سلسلو جاري رهيو، شهر جا رهواسي الله تعاليٰ جي راهه ۾ قرباني جي جذبي سان سرشار ٿي جانورن جي قرباني ڪندا رهيا، جڏهن ته قرباني بعد گوشت جي ورهاست جو عمل به جاري رهيو۔

تفصيل موجب، سکر شهر جي مختلف علائقن ۾ عيد قربان جي موقعي تي وڏي جوش ۽ جذبي سان فرزندانِ اسلام سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي قرباني جي فريضو ادا ڪيو۔ شهر جي هر پاڙي، گهٽي، ۽ محلي ۾ قرباني لاءِ جانور ذبح ڪيا ويا، جن ۾ ڳئون، ٻڪريون، مينهون ۽ اٺ شامل هئا۔

قرباني بعد شهرين طرفان پنهنجن ويجهن مٽ مائٽن، دوستن ۽ خاص طور تي مستحق ۽ نادار ماڻهن ۾ گوشت ورهايو ويو ته جيئن عيد جي خوشين ۾ سڀ گڏجي شريڪ ٿي سگهن۔

قرباني جي عمل دوران شهرين پاران شرعي اصولن ۽ حفظان صحت جي هدايتن تي عمل ڪندي صفائي جو خاص خيال رکيو ويو۔ مختلف سماجي ۽ فلاحي تنظيمون به قرباني جي گوشت جي ورهاست ۾ سرگرم نظر آيون، جن جو مقصد عيد جي هن اهم ڏينهن تي غرباءَ، مسڪينن ۽ ضرورتمندن تائين گوشت پهچائڻ هو۔عيد جي ٽنهي ڏينهن دوران سکر شهر مذهبي جذبي، ڀائيچاري ۽ سخاوت جي هڪ خوبصورت مثال بڻيل رهيو، جتي سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي شهرين نيڪين جا موقعا حاصل ڪيا ۽ الله تعاليٰ جي رضا لاءِ پنهنجي وس آهر قربانيون پيش ڪيون۔

جُون 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو