سکر: واسي جوڙو ڀارتي شهر ممبئي ۾ قتل، وارثن پاران شفاف جاچ ۽ ٻارن جي واپسي جو مطالبو

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر واسي جوڙو ڀارتي شهر ممبئي ۾ مبينا قتل،سنجي ڪمار ۽  زال سپنا جا گهر ۾ لاش پيل مليا،

6 مهينا اڳ سنجي ڪمار ڀارت ويو هو ممبئي ۾ رهائش پذير هو،سنجي ٻن ٻارڙن کي اسڪول ڇڏي گهر ۾ آيو ان ڏس ۾ مقتولا سپنا جي ڀاء وجئي ڪمار الزام هنيو آھي ته جوابدار سنجي ڪمار ڀيڻ تي تشدد ڪندو هو،

 اڄ ٻارڙن کي اسڪول موڪلي گهر اچي چاقن جا وار ڪري ڀيڻ سپنا کي قتل ڪيو سپنا کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو آهي،

اسڪول ويل ٻارڙا ڪبير ۽ هتيش گهر آيا ته دروازو نه کولڻ تي پاڙي وارن ڏٺو ته گهر ۾ سپنا ۽ سنجي  قتل ٿيل آهن۔قتل واقعي جو اطلاع ملڻ تي مقتولا سپنا جي گهر ۾ ڪهرام متل آھي۔مقتولا جي وارثن پاڪستاني سفارت خاني انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي ته قتل واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ سميت مقتولا جو مڙھ ۽ ٻارڙا اسان جي حوالي ڪيا وڃن۔

جُون 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو