سکر: چيمبر آف ڪامرس جي وفد جي خورشيد شاهه سان ملاقات

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر چيمبر آف ڪامرس جي وفد جي سينيئر سياستدان ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر

سيد خورشيد احمد شاهه سان ملاقات ڪئي ان سلسلي ۾  سکر چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد خالد کاکيزئي جي اڳواڻي ۾ نائب صدر ملڪ اويس رئيس ۽ اڳوڻي صدر عامر علي خان غوري تي مشتمل وفد سيد خورشيد احمد شاهه سان سندس رهائشگاهه تي اهم ملاقات ڪئي۔

ملاقات دوران سکر ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال، سيپڪو جي ناقص ڪارڪردگي سبب پيدا ٿيندڙ عوامي مسئلن ۽ ماحولياتي تبديليءَ سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔ ان موقعي تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل وفاقي بجيٽ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،

 بجيٽ جي ممڪن اثرن ۽ علائقائي سطح تي واپاري برادري کي درپيش چئلينجن تي به غور ڪيو ويو۔سيد خورشيد احمد شاهه، چيمبر جي وفد کي خاطري ڪرائيندي چيو ته هو انهن سمورن اهم مسئلن کي قومي سطح تي اجاگر ڪندو ۽ انهن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي۔

جُون 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو