سکر: عبدالجبار جتوئي جي گرفتاري خلاف قريشي ڳوٺ واسين پاران احتجاج

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر جي علائقي قريشي ڳوٺ جي رهواسي عبدالجبار جتوئي جي گرفتاري خلاف سندس گهر ڀاتين، عورتن ۽ ٻارن پاران سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي عبدالجبار جي آزاد ڪرائڻ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي مظاهرو ڪندڙ عورتن جو چوڻ هو ته بي گناھ عبدالجبار کي سائيٽ ايريا پوليس طرفان گرفتار ڪيو ويو آھي،

جنهن کان پوءِ سندس ڪو پتو ناھين ته ھو ڪٿي آھي عبدالجبار جي ماءُ حاجره خاتون ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس پٽ ڏوهاري نه آهي،

 هو پنهنجي گهر جي گزر سفر لاءِ محنت مزدوري ڪري ٿو ۽ کير وڪڻي گزارو ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالي ٿو هن چيو ته پوليس بنا ڪنهن ڏوھ جي کيس گرفتار ڪري لاپتا ڪري ڇڏيو آهي حاجره خاتون جو وڌيڪ چوڻ هو ته عبدالجبار کي نه ڪنهن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ۽ نه ئي وارثن کي سندس ڪا ڄاڻ ڏني پئي وڃي،

جيڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي احتجاج ڪندڙن ڊي آءِ جي سکر، ۽ ايس ايس پي سکر، کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي عبدالجبار کي آزاد ڪيو وڃي.

جُون 6, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو