دادو: بدامني خلاف انجمن تاجران جو احتجاج، ايس ايس پي کي هٽائڻ ۽ ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائڻ جو مطالبو،

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ وڌندڙ بدامني، ڦرن ۽ موٽر سائيڪلن جي چوري خلاف انجمن تاجران جي سڏ تي واپارين، دوڪاندارن ۽ شهرين طرفان دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين ايس ايس پي دادو کي بدامني جو ذميوار قرار ڏيندي کيس فوري طور هٽائڻ جو مطالبو ڪيو، ضلعي صدر گل حسن پنهور، ممتاز چنا، غلام نبي لغاري، امير کوکر، ۽ ٻين واپار اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندڙ مظاهري جو آغاز اسٽيشن روڊ کان ڪيو ويو، جتان ريلي جي صورت ۾ پريس ڪلب دادو پهچي ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي واپارين موجب، گذريل هڪ مهيني دوران دادو ۾ بدامني جو راڄ قائم آهي،

جنهن دوران 91 موٽر سائيڪلون ۽ لکين روپين جي ڦرن جا واقعا پيش اچي چڪا آهن. دوڪاندارن جو چوڻ هو ته شهري هر روز هٿياربند ڏوهارين هٿان ڦرجي لٽجي رهيا آهن،

جڏهن ته پوليس اگهور ننڊ ستل آهي ۽ ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪري احتجاج دوران واپار اڳواڻ امير کوکر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن ڏينهن ڏٺي جو 5 کان وڌيڪ هٿياربند ماڻهن منهنجي دوڪان تي حملو ڪيو، جتي مون سميت ملازمن کي يرغمال بڻائي 10 لک نقد، موٽر سائيڪل ۽ 5 موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، پر پوليس اڃا تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ڪيو. مظاهرين الزام لڳايو ته دادو ۾ ڏوهارين ۽ پوليس جي ملي ڀڳت آهي،

 جنهن سبب شهرين کي تحفظ ڏيڻ بجاءِ هو ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏيل آهن. واپارين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايس ايس پي دادو کي فوري طور تي هٽايو نه ويو، ۽ ڦر ٿيل سامان واپس نه ڪرايو ويو، ته شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي. واپارين انتظاميه کي خبردار ڪيو ته امن قائم نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،

جُون 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو