سکر: وڏي سبزي منڊي مان هٿياربندن جي 70 لک جي ڦر، واپاري غير محفوظ، پوليس تي نااهلي جا الزام
سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر مان امن جو پکي اڏي ويو روزانه جي بنياد تي ڦرا ۽ ڊڪيتي ٿيڻ لڳيون پوليس ننڊ جي آغوش ۾ ايس ايس پي سکي کي سٺي ٽيم جپڙڻ کپي نااهل آفيسرن کي هٽائي ڪارڪردگي جي بنياد تي مقرريون ڪري ۔خبر موجب سکر جي وڏي سبزي منڊي سکر ۾ وڏي ڦرلٽ چار نامعلوم هٿياربند حاجي عالمگیر قريشي جي دڪان مان 70 لک کان وڌيڪ نقد رقم ۽ پنج موبائل فون کڻي فرار ٿي ويا،
ڦرلٽ جي واقعي سبب سبزي منڊي ۾ خوف و حراس، هٿياربند جوابدار فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪري ورتي ان سلسلي ۾ سکر جي مين سبزي منڊي ۾ واپاري حاجي عالمگیر قريشي جي دڪان ۾ نامعلوم هٿياربند جوابدار داخل ٿي موجود ماڻهن کي يرغمال بڻائي 70 لک کان وڌيڪ رقم، موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا،ڦر واردات جي اطلاع ملڻ تي سائٽ ايريا ٿاڻي پوليس پهچي ئي، سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪري ورتي هٿ ڪيل فوٽيج ۾ هٿياربند جوابدار جي هٿ ۾ پسٽل نظر پيو اچي ڏوهاري آساني سان فرار ٿي ويا،
ڦر واقعي بعد سبزي منڊي ۾ خوف هراس پکڙجي ويو ۔واپاري برادري۔قريشي برادري آء جي سنڌ۔ڊي آء جي سکر۔ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته ڦر ڪيل رقم ۔موبائيل فون واپس ڏياري سبزي منڊي جي دوڪاندارن ۽ واپارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويداسين.
جُون 5, 2025