سيوھڻ: عيد کان اڳ سبزين جا اگهه آسمان تي، منافعي خور واپارين خلاف ڪارروائي جو مطالبو
سيوھڻ ( رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوھڻ شھر ۾ عيد ويجھو ايندي ئي منافعي خور سبزي وڪرو ڪندڙن ھٿرادو مهانگائي ڪري ٻنھي ھٿن سان سيوھڻ جي عوام کي ڦرڻ لڳا، سيوھڻ جي عوام کي ھن مهانگائي مان ڪير جان ڇڏائيندو، سيوھڻ شھر ۾ عيد ويجھو ايندئي سبزي وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن ۽ ريڙھي وارن سبزي جا ريٽ وڌائي ڇڏيا،
سيوھڻ جو غريب عوام سخت پريشان، جڏھن ته سبزي وڪرو ڪندڙن اچانڪ سبزي جو اگھ وڌائڻ جي ڪري سيوھڻ جو غريب مزدور عوام جيڪو پنھنجي ٻچن کي ٻه ويلا ماني کارائڻ لاء مجبور آھي، اتي وري سبزي وڪرو ڪندڙ منافعي خور واپارين پٽاٽا 80 روپيه ڪلو، بصر 60 روپيه ڪلو، واڱڻ 60 روپيه ڪلو، گوار 200 روپيه ڪلو، ول طوري 120 روپيه ڪلو، ٽماٽا 100 کان 120 روپيه ڪلو ۽ ڀينڊي 160 روپيه ڪلو وڪرو ڪري رھيا آھن، جڏھن ته ڪجھ ڏينھن پھريان ٽماٽو 100 روپين ۾ 03 ڪلو وڪرو ڪيو پي ويو، ول طوري 80 روپيه ڪلو وڪرو ڪئي پئي ويئي، جڏھن ته بصر 100 ۾ 03 ڪلو وڪرو ڪري رھيا ھئا،
۽ ڀينڊي 50 روپيه ڪلو وڪرو ڪري رھيا آھن، جڏھن ته ھاڻي عيد جا ڏينھن ويجھا اچڻ جي ڪري اچانڪ سبزي جا اگھ سبزي وڪرو ڪندڙن وڌائي ڇڏيا آھن، عيد ويجھو ايندي ئي ڪھڙي مهانگائي آئي جو سبزي جو اگھ وڌايو ويو آھي،
سيوھڻ جي عوام اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ ۽ سيڪريٽري مارڪيٽ ڪاميٽي ڀان سيدآباد کان مطالبو ٿي ڪري ته سيوھڻ شھر ۾ سبزي وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن ۽ ريڙھي وارن کي ھدايت ڪئي وڃي،
مھانگي سبزي وڪرو ڪندڙ منافعي خور واپارين خلاف قانوني قدم کنيو وڃي، ته جيئن سيوھڻ جو غريب مزدور عوام پريشاني کان بچي سگھي.
جُون 5, 2025