ڄامشورو: پوليو مهم جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊي سي نورالدين ھنگورجو جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
ڄامشورو ( رپورٽ: محمد وارث ڪوريجو) قائم مقام ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو نورالدين ھنگورجو جي صدارت هيٺ گذريل پوليو مھم جو جائزو وٺڻ لاءِ درٻار ھال جامشورو ۾ لاڳاپيل آفيسرن سان اھم اجلاس ٿي گذريو
اجلاس ۾ قائم مقام ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو نورالدين ھنگورجو ضلعي ۾ گذريل پوليو مهم جي بابت لاڳاپيل آفيسرن کان ڄاڻ ورتي ھن صحت کاتي جي آفيسرن تي زور ڀريو ته پوليو مھم دوران جيڪي ٻارڙا پوليو جي قطرن کان رھجي ويا آهن انھن کي عيد کان اڳ پوليو کان بچاء جا ڦڙا لازمي پيارا وڃن ڇو جو پوليو ھڪ موذي مرض آهي ھن ضلعي جي عوام کي اپيل ڪئي ته پوليو مھم دوران پنھنجي گلڙن جھڙن ٻارڙن کي پوليوجا ٻه ڦڙا لازمي پيارين، ۽ ھن ڪم ڪنھن به قسم جي غفلت کي ھرگز برداشت نه ڪيو ويندو،
ان موقعي تي اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر پير منظور آحمد ٻڌايو ته ضلعي ۾ گذريل پوليو مھم دوران 99 سيڪڙو ٽارگيٽ مڪمل ڪيو ويو آهي،
باقي رھيل ٽارگيٽ به جلد مڪمل ڪيو ويندو، ڊي سي ڄامشورو اي پي آئي کان ضلعي ۾ ٽڪن بابت پڻ ڄاڻ ورتي ھن صحت کاتي جي آفيسرن کي ھدايتون ڏنيون ضلعي ۾ ٻارڙن کي باقاعده ٽڪا لڳا لڳايا وڃن ته جيئن ٻارڙن کي مختلف بيمارين کان بچائي سگھجي
اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي نديم قادر کوڪر، اين اسٽاف آفيسر ڊاڪٽر ڪليم شيخ ڊاڪٽر، ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايچ آئي شفيق رحمان آگرو، پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر رضا پنھور، سميت مختيارڪارن، پوليو فوڪل پرسن، ڊبليو ايڇ او، ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.
جُون 5, 2025