”ڪيتريون ئي ڇوڪريون شهرت خاطر پنهنجون غير اخلاقي وڊيوز ليڪ ڪنديون آهن“

Spread the love

پاڪستان جي مشهور ڪانٽينٽ ڪريئيٽر ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر عريقا حق دعويٰ ڪئي آهي ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون شهرت خاطر پنهنجون وڊيوز پاڻ ليڪ ڪنديون آهن.
عريقا حق جو شمار پاڪستان جي مشهور ڊجيٽل ڪانٽينٽ ڪريئيٽرز ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسرز ۾ ٿيندو آهي، ٽڪ ٽاڪ تي سندس 12 ملين فالوئرز آهن، جڏهن ته هوءَ عاصم اظهر جي گاني ”تم تم“ سميت ڪيترن ئي گانن ۾ جلوا به ڏيکاري چڪي آهي.
تازو هڪ انٽرويو ۾ عريقا حق چيو ته اڄڪلهه ڇوڪريون پنهنجون وڊيوز پاڻ ليڪ ڪنديون آهن، اهي شهرت خاطر ائين ڪنديون آهن.
هن چيو ته اڳ ۾ مون کي اهڙين ڇوڪرين لاءِ همدردي هئي پر هاڻ ڏسندي آهيان ته اهي پاڻ ئي وڊيوز ليڪ ڪنديون آهن پر سڀئي اهڙيون ناهن، ڪجهه اهڙيون آهن، جيڪي پنهنجون غير اخلاقي وڊيوز ليڪ ڪنديون آهن.

جُون 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو