پاڻي جي تڪرار تان فائرنگ ۾ عورت سميت 4 ڄڻا قتل

خيبر (ويب ڊيسڪ) خيبر ۾ پاڻي جي تڪرار تان فائرنگ ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب واقعو جمرود جي علائقي غنڊي ۾ پيش آيو، جتي پاڻي جي تڪرار تان فائرنگ ڪئي وئي.
پوليس ٻڌايو ته فائرنگ ۾ عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ ٻه ڀائر به شامل آهن.
پوليس موجب واردات کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي.