ڪراچي لاءِ بجلي سستي باقي ملڪ لاءِ مهانگي، نيپرا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا سڄي ملڪ لاءِ بجلي 93 پيسا في يونٽ مهانگي ۽ ڪراچي لاءِ ٻه رپيا 99 پيسا في يونٽ سستي ڪري ڇڏي.
نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي اگهن ۾ واڌ اپريل جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي، جيڪا جون جي بلن ۾ لاڳو ٿيندي.
اها واڌ ڪي اليڪٽرڪ، لائف لائن واهپيدارن، اليڪٽرڪ وهيڪل اسٽيشنز تي لاڳو نه ٿيندي.
گڏوگڏ ڪي اليڪٽرڪ لاءِ بجلي 2 رپيا 99 پيسا في يونٽ سستي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نيپرا جي نوٽيفڪيشن موجب اها لاٿ مارچ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي ۽ واهپيدارن کي جون جي بجلي بلن ۾ رليف ملندو.