بلوچستان ۾ ڪنهن وڏي فوجي آپريشن جي ضرورت ناهي: سرفراز بگٽي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، هاڻ ڀارت پراڪسيز ذريعي سازشون ڪري رهيو آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ فتنه الهندستان جي سرپرستي ڪري رهي آهي، ڀارتي ميڊيا ڪراچي پورٽ بابت ڪوڙي خبر هلائي ته اهو تباهه ٿي ويو آهي، جنگ ۾ ڀارت کي شڪست ملي، جنهن کان پوءِ هاڻ هو پراڪسيز ذريعي وار ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ڀارت جي شيطاني راند هاڻ وائکي ٿي چڪي آهي، رياست وٽ فتنه الهندستان خلاف تمام مضبوط ثبوت موجود آهن. را جا هينڊلر هن تنظيم کي ڳجهي ڄاڻ فراهم ڪري رهيا آهن، اسان وٽ تمام گهڻا ثبوت موجود آهن، جيڪي مناسب پليٽفارم تي پيش ڪيا ويندا، فتنه الهندستان هٿان خضدار ۾ ٻارن کي شهيد ڪرايو ويو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڻمرادو گم ٿيندڙن جي شرح جبري طور گم ٿيندڙن کان وڌيڪ آهي، بلوچستان ۾ ڪنهن وڏي فوجي آپريشن جي ضرورت ناهي.

جُون 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو