ڀارت سان شملا معاهدو ختم، ايل او سي تي 1948 واري پوزيشن تي اچي ويا آهيون: خواجا آصف

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان جي شملا معاهدو ختم ٿي چڪو آهي، اسان ايل او سي تي 1948 واري پوزيشن تي اچي ويا آهيون.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته شملا معاهدي جي خاتمي بعد ڪنٽرول لائن هاڻ سيز فائز لائن آهي، اسان واپس 1948 واري پوزيشن تي اچي ويا آهيون.
هن چيو ته شملا معاهدو ٻن ملڪن جي وچ ۾ هو، ان ۾ ورلڊ بئنڪ يا ڪا ٽين ڌر شامل نه هئي، شملا معاهدو نه هجڻ ڪري ڪنٽرول لائن جي حيثيت سيز فائر لائن جي ٿي ويندي، سيز فائر لائن ان جو اصل اسٽيٽس هو، جيڪو بحال ٿي ويندو.
سندس چوڻ هو ته 1948 کانپوءِ راءِ شماري بابت جيڪو ٿيو، ان کانپوءِ هي سيز فائز لائن آهي، ڀارت جي قدمن سبب شملا معاهدي جي حيثيت هاڻ ختم ٿي وئي، شملا معاهدي جون سموريون شقون ختم، جنگ کانپوءِ جيڪو ٿيو، ان جي اهميت ناهي رهي.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته سنڌ طاس معاهدي مان ڪا ڌر هڪ طرفي طور نٿي نڪري سگهي، گڏيل قدم ٿي سگهن ٿا، ڀارت پنهنجي مرضي سان پاڻي جي معاملي ۾ رنڊڪ نٿو بڻجي سگهي.

جُون 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو