سکر: پوليس پاران منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن، 1000 گرام چرس ۽ شراب سميت جوابدار گرفتار
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر پوليس پاران جاري ڪيل بيان موجب ايس ايس پي سکر اظهر خان مغل جي هدايت تي سکر پوليس جو منشيات فروش ۽ ٻين ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي
گذريل ڏينهن اي سيڪشن جي حدن ۾ ڊي ايس پي سٽي جي سربراهي ۾ ايس ايڇ او اي سيڪشن نفري سان گڏ سرچ آپريشن دوران هڪ جوابدار فهيم ولد سليم کي 1000 گرام چرس، 104 شراب جا آڍيا ۽ ٽن موٽر سائيڪلن سميت گرفتار ڪري ورتو.
پوليس گرفتار جوابدار کي چرس ۽ شراب سميت ٿاڻي تي آندو ۽ هن جي خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا. ايس ايس پي سکر اظهر خان مغل طرفان پوليس پارٽي لاءِ شاباشي جو پيغام ڏنو آهي.
جُون 4, 2025