سيوهڻ: شيعا علماء ڪائونسل پاڪستان جو وفد حضرت لعل شهباز قلندر جي سيڪيورٽي انچارج سان ملاقات

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) شيعا علماء ڪائونسل پاڪستان تعلقو ۽ سٽي سيوهڻ جو گڏيل وفد درگاه مرشد سخي لجپال حضرت  لعل شهباز  قلندر رحمت الله عليه جي سيڪيورٽي انچارج سيد نجف علي شاه سان ملاقات، ھن ملاقات ۾  تعلقي سيوهڻ جي صدر خادم حسين رونجھو، سٽي جي جنرل سيڪريٽري احسان رند، سٽي جي سينئر نائب صدر ظفر علي شيخ، نائب صدر پرويز علي سومرو، اعجاز علي انڙ، زاهد حسين ڏاھري  آصف علي انصاري، الله وسايو خاصخيلي، حبدار علي ۽ نزاڪت علي شيخ  سميت شامل ھئا،

ھن ملاقات ۾  محرم الحرام جي حوالي سان سيد نجف علي شاه سڪيورٽي انچارج درگاھ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليہ سيوھڻ سان شيعا علما ڪائونسل پاڪستان سيوهن جي دوستن گڏجاڻي ٿي

 گذري ھن گڏجاڻي ۾  شيعا علماء ڪائونسل پاڪستان تعلقه ۽ سٽي سيوھڻ جي وفد کي سڪيورٽي انچارج چيو تہ اسان ھر سال جيان ھن سال به اسان حاضر آھيون، ھميشه جيان مولا جي عزادارن جي ڊيوٽيون سرانجام ڏينداسين، ۽ ماتمي جلوسن مجالس عزا جي  پروگرامن کي فل پروف سيڪورٽي فراهم ڪنداسين.

جُون 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو