لاڙڪاڻو: وفاقي محتسب پاران SEPCO ۽ SSGCL خلاف عوامي شڪايتن جي ٻڌڻي، ڪيترن ئي مسئلن جو حل

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) وفاقي محتسب ريجنل آفيس سکرپاران لاڙڪاڻو ۾ سِيپڪو ۽ ايس ايس جي سي ايل جي خلاف عوامي شڪايتن جي حل لاءِ ٻڌڻي ڪئي ان سلسلي ۾  سيد محمود علي شاهه، وفاقي محتسب آفيس سکر جي علائقائي سربراهه لاڙڪاڻي ۾ وفاقي حڪومت جي شعبن خاص طور تي سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (SEPCO) ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني لميٽيڊ (SSGCL) خلاف شڪايتن جي حل لاءِ ٻڌڻي ڪئي.

ان دوران شاهه مراد جتوئي، رينيو آفيسر سيپڪو لاڙڪاڻو رورل ۽ سهيل احمد خاور رينيو آفيسر سيپڪو قمبر شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو سٽي. ايس ايس جي سي ايل جي طرفان سعيد احمد ڪوريجو، ڊپٽي مئنيجر بلنگ ٻڌڻي ۾ شرڪت ڪئي.جڏهن ته سڀئي شڪايت ڪندڙ موجود هئا،شڪايتن ڪندڙن جي شڪايتن جي آزالو ڪيو

ان موقعي تي وافاقي محتسب سکر ريجنل آفيس جي سيد محمودعلي شاھ جو چوڻ هو ته معزز وفاقي محتسب اعزاز احمد قريشي جي هدايتن جي روشنيءَ ۾وفاقي ڊپارٽمينٽ خلاف انهن جي شڪايتن جو حل ڪيو ويو. اهي ٻڌڻيون عوامي شڪايتن جي حل لاءِ هڪ مؤثر پليٽ فارم آھي لاڳاپيل کاتن طرفان جوابداري ۽ تڪڙو عمل کي يقيني بڻايو.

جُون 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو