وڳڻ: ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب غريب عيد جي خريداري کان محروم، دوڪاندارن جو ڪاروبار متاثر

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو(  وڳڻ ۾ عيد العضي ويجھو ايندي ئي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب پورھيت ۽ غريب طبقي لاءِ عيد جي خريداري هڪ خواب بڻجي وئي، جڏهن ته ٻي پاسي دوڪاندارن جي ڪاروبار تي به ناڪاري اثر پيا آهن،

عيد جي رش باوجود، مارڪيٽن ۾ خريداري جو رجحان انتهائي گهٽ جنهن بابت پورھيت طبقي جو چوڻ آهي ته حڪومت جي غلط پاليسين ۽ روز افزون مهانگائي سبب سندن قوت خريد مڪمل ختم ٿي وئي آهي. سندن مطابق، ڪپڙن، جوتن، ۽ ٻيا عيد سان لاڳاپيل شيون وس کان ٻاهر نڪري چڪيون آهن،

ان سلسلي ۾ مارڪيٽ جي دوڪاندارن اسلم پنھور، اختر ملڪ، اياز علي ملڪ، شبير پنھور ۽ ٻين دڪاندارن ٻڌايو ته:

“اسان لکين روپين جي سيڙپڪاري ڪري دوڪان سجايا، پر مهانگائي جي ڪري گراهڪ خريداري لاءِ اچڻ بدران رڳو ريٽ پڇي واپس هليو وڃن ٿا، جنهن سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿيو آهي

ٻئي پاسي مارڪيٽ جا واپاري مطالبو ڪري رهيا آهن ته حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻي، جيئن عام ماڻهو عيد جون خوشيون ملهائي سگهن ۽ واپاري به ساهه کڻي سگهن.

جُون 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو