فواد چوڌريءَ جا وارنٽ جاري، گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن عدالت فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
راولپنڊي جي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف خانگي هائوسنگ سوسائيٽي ۾ غير قانوني زمين منتقلي بابت ٻڌڻي ٿي.
عدالت فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس 30 جون تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
اينٽي ڪرپشن پنجاب طرفان اڳوڻي وفاقي وزير تي جهلم ۾ نجي هائوسنگ سوسائيٽي ۾ غيرقانوني زمين منتقلي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو.

جُون 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو