حڪومت سان بجيٽ ڳالهيون، آءِ ايم ايف جا وڌيڪ مطالبا سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سان بجيٽ ڳالهين دوران آءِ ايم ايف جا وڌيڪ مطالبا سامهون اچي ويا.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته ايندڙ وفاقي ۽ صوبائي بجيٽن ۾ اڳواٽ طئي ڪيل سڀني شرطن تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي.
ان سان گڏوگڏ آءِ ايم ايف صوبائي حڪومتن کان خرچ گهٽائڻ جي قدمن بابت لکت ۾ ضمانتون گهري ورتيون آهن، جڏهن ته صوبن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو بجيٽ ۾ ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ واضح قدم کڻن.
آءِ ايم ايف واضح ڪيو آهي ته مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتون بجلي ۽ گئس تي ڪا به سبسڊي نه ڏين ۽ صوبائي حڪومتن کي سرڪاري ملازمتن جي گهٽتائي (رائٽ سائيزنگ) ڪرڻي پوندي، جڏهن ته نئين ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪرڻي پوندي.
ان کانسواءِ آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي ته طئي ٿيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ موجود سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ انهن هدفن جي حصول کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته صوبائي حڪومتن کي بجيٽ جي قدمن تي عملدرآمد لازمي بڻائڻو پوندو.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته بجلي ۽ گئس جي چوري ۽ سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي عملي قدم کڻڻا پوندا، جڏهن ته صوبن کي زرعي آمدني ۽ خدمتن تي ٽيڪس وصولي لاءِ هڪ واضح حڪمت عملي تيار ڪري ان کي بجيٽ جو حصو بڻائڻو پوندو.