دادو تعليم کاتي جي پرائمري شعبي ۾ ڪرپشن جا انوکا ڪارناما، ڊي اي او پرائمري ۽ ٽي اي او جوهي وچ ۾ ڇڪتاڻ جا سبب سامهون اچي ويا
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) ضلعي دادو جي تعليم کاتي جي پرائمري شعبي ۾ ڪرپشن جا سنجيده انڪشاف منظر عام تي اچي ويا،
جتي ڊي اي او پرائمري دادو ۽ ٽي اي او جوهي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جا اصل ڪارڻ به منظرعام ذريعن موجب ٽي اي او آفيس جوهي ۾ مقرر آفيس سپريڊنٽ منير جمالي کي نه صرف سندس اصل ذميوارين کان هٽي اسڪول وزٽ جي ڇوٽ ڏني وئي آهي، پر اسڪولن جي وڪيشن کان اڳ هو اسڪولن جا دورا به ڪندو رهيو،
جنهن جا ڪيترائي ثبوت ميڊيا هٿ ڪري ورتا آهن. ان کان اڳ منير جمالي پاران اسڪولن ۾ وزٽ نوٽ پڻ لڳايا ويا. ڪيترن ئي اسڪولن جي استادن ان عمل کي غيرقانوني قرار ڏيندي آفيس سپريڊنٽ کي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو استادن فون تي رابطو ڪندي ٻڌايو ته اهڙو انڌير اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو، جتي هڪ آفيس سپريڊنٽ کي اسڪول وزٽ جي کلي ڇوٽ ڏني وئي هجي، جڏهن ته ٽي اي او پاڻ موجود آهي.
ان سلسلي ۾ ٽي اي او جوهي شهاب الدين شاهاڻي کان موقف ورتو ويو ته هن پنهجي موقف ۾ چيو استادن طرفان لڳاتار شڪايتون ملڻ بعد مون آفيس سپريڊنٽ کي اسڪول وزٽ کان روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا ۽ کيس وارننگ ليٽر به ڏنا. وڌيڪ شڪايتن تي کيس وضاحت ڏيڻ لاءِ ايڪسپلينيشن ليٽر پڻ موڪليو ويو آهي، پر ان جي باوجود ڊي اي او پرائمري دادو کيس اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي مڪمل ڇوٽ ڏئي ڇڏي. باخبر ذريعن مطابق ڊي اي او پرائمري دادو لياقت علي نائچ پاران آفيس سپريڊنٽ منير جمالي کي جوهي ۾ خاص مقصد لاءِ پوسٽنگ ڏني وئي،
جتي هو استادن کان رشوت اوڳاڙڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. ان معاملي تي ٽي اي او جوهي شهاب الدين شاهاڻي ميل ڊائريڪٽر حيدرآباد ۽ سيڪريٽري تعليم کي پڻ لکت ۾ شڪايتون ۽ انڪوائري لاءِ خط موڪليا آهن. ان باوجود تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين طرفان دادو تعليم شعبي جي ان اهم معاملي تي اڃا تائين ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، ۽ اهڙي صورتحال ۾ شفافيت جا دعويدار ادارا به بيحس بڻيل نظر اچن ٿا.
جُون 3, 2025