مٺي: ڳوٺ جوڙوئو جي رهواسين پاران عورت تي تشدد ۽ لٽڪائڻ جي ڪوشش خلاف احتجاج
مٺي(ڊ-ر) تعلقي مٺي جي ڳوٺ جوڙوئو جي رهواسين عثمان ولد سهراب، پانڌي ولد سهراب، حاڪم ولد سمون، عبدالله ولد مبارڪ ءٍ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته پهرين جون جي ڏينهن صبح جو ست وڳي پاڙي وارن اطلاع ڪري ٻڌايو ته توهان جي نياڻي نالي جامون کي سندس مڙس ءٍ ساهرن جي ٻين گهرڀاتين تشدد ڪري وڻ ۾ ٽنگي فرار ٿي ويا آهن
عورت جي دانهن تي پاڙي وارن اچي بچايو جنهن بعد والدين پڻ پهتا ته اتي جوابدارن ڪهاڙين سان حملو ڪري ڏنو ءٍ موت مار ڌمڪيون پڻ ڏنيون جنهن بعد پاڙي وارن عورت کي بيهوشي واري حالت ۾ سول اسپتال مٺي پهچايو جتي علاج هلندڙ آهي. متاثر عورت جامون جي پيءُ عثمان نهڙي دانهيندي ٻڌايو ته منهنجي ڌي تي ساهرن پاران گذريل ٽن سالن کان تشدد ڪندا رهيا آهن
جنهن بعد اسان پنهنجي نياڻي واپس گهر وٺي آياسين جنهن تي مڙس غلام رسول نهڙي ءٍ ٻيا ارباب صاحب جي چٺي کڻي آيا اسان چٺي کي مان ڏيندي پنهنجي نياڻي مڙس حوالي ڪئي ءٍ هو منهنجي نياڻي کي واپس گهر وٺي ويا جنهن بعد وري منهنجي نياڻي تي تشدد جاري رکيو ويو آخر ٻه ڏينهن اڳ منهنجي نياڻي کي مارڻ جي نيت سان وڻ ۾ لٽڪايو ويو
پر پاڙي وارن جان بچائي. اسان صدر ٿاڻي مٺي تي جوابدارن هرهڪ غلام رسول ولد سليمان، حنيف ولد سليمان خلاف ڪيس داخل پڻ ڪرايو آهي
جڏهن ته سليمان ولد سڪيلڌو جو نالو بااثرن جي چوڻ تي پوليس ڪٽي ڇڏيو آهي. عورت جي پيء ءٍ ٻين ٻڌايو ته اسان جي نياڻي جامون جو اسپتال جي داخلا جو فائل پڻ جوابدار ڌر پاران گم ڪيو ويو آهي
هنن ٻڌايو ته پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو جڏهن ته جوابدار بااثر هجڻ ڪري ضمانت ٿي آزاد تي اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. وارثن اعليٰ عدليه توڙي انساني حقن جي تنظيمن ءٍ سنڌ حڪومت کان نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
جُون 3, 2025