ڊسٽرڪٽ بار سکر جي اليڪشن لاءِ وڪيل سرگرم، پروگريسو لائير فورم جو پينل ڪاميابي لاءِ تيار

Spread the love

سکر (رپورٽ:امدادگل  ڪلوڙ) ڊسٽرڪٽ بار سکر ۾ اليڪشن جون سرگرميون تيز۔ وڪيلن ميدان مارڻ لاء سندرا ٻڌي ڇڏيا۔ ان سلسلي ۾ سکر جي نامور وڪيل دانش عثمان غني ميمڻ پنهنجي ساٿي وڪيلن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 14 جون 2025 تي ٿيندڙ ڊسٽرڪٽ بار سکر جي اليڪشن ۾ ڪيترن ئي وڪيل دوستن فارم ڀريا آهن۔ ۽ ڪامياب ٿيڻ لاء ڪوششون به ڪري رهيا آهن

 جيڪو سڀني جو جمهوري حق آهي۔ ايڊووڪيٽ دانش عثمان غني ميمڻ وڌيڪ چيو ته مون به پروگريسو لائير فورم جي پليٽ فارم تان MMC تي فارم ڀريو آهي۔ رب پاڪ جا ڪرم آهن جو اسان جي پينل مان نثار احمد بوزدار جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ايم ايم سي ميمبرن ۾ قلندر بخش سولنگي۔ دانش عثمان غني ميمڻ۔ آصف علي جوڻيجو۔ نعمت الله سمائر۔ سعيد حسين ميمڻ۔ سعيد احمد قريشي ۽ ذوالفقار علي چنا جن بغير مقابلي ڪامياب ٿيا آهن۔

جڏهن ته علي احمد خان پٺاڻ صدر۔ غلام مصطفا ڀنڀرو نائب صدر۔ ذالفقار علي ملاڻو جنرل سيڪريٽري۔ صائمه سومرو لائبريري سيڪريٽري۔ بينظير ميمڻ خزانچي تي اليڪشن وڙهندا۔ انهن عهدن تي عيد کان پوء 14 جون ڇنڇر واري ڏينهن اليڪشن ٿيندي۔

جن کي ڪامياب ڪرڻ لاء ڪوششن ۾ رڌل آهيون ته جيئن پروگريسو لائيرز پينل جا سڀئي عهديدار ڪامياب ٿي وڪيل برادري جي مسئلن کي حل ڪرڻ سميت ڪورٽن ۾ انصاف جي حاصلات لاء ايندڙ عوام جي مشڪلاتن کي به گهٽائي سگهجي۔

جُون 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو