آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسيئيشن (ايپڪا) ضلعي سکر پاران سخت گرمي ۾ احتجاج
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسيئيشن (ايپڪا) ضلعي سکر جي ملازمن پاران جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ سکر پريس ڪلب اڳيانسخت گرمي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ايپڪا سکر جي صوبائي صدر مقبول حسين مهر ۽ ضلعي صدر محمد پناه مهر ڪري رهيا هئا۔مظاهري ۾ محبوب علي کوکر، محمد الياس ميمڻ، سيد رياض حسين شاه، نثار ميمڻ، ميڊم حسينه سميت ڪيترن ئي ملازمن شرڪت ڪئي.مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا
جن تي حڪومت پاڪستان ۽ حڪومت سنڌ کان جائز مطالبن جي منظوري لاءِ مختلف نعرا لکيل هئا. مظاهري دوران مظاهرين پنهنجي حق ۾ نعرا پڻ هنيا.احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته مهانگائي جي هن دور ۾ ملازمن جون پگهارون تمام گهٽ آهن،
تنهن ڪري ايندڙ بجيٽ ۾ فوري طور 200 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته ملازمن جي اسڪيلن کي اپگريڊ ڪيو وڃي ۽ ٽائيم اسڪيل جي سهولت ڏني وڃي ته جيئن اهي به ٻين کاتن جي ملازمن وانگر ترقي حاصل ڪري سگهن.
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سڀني ڪنٽريڪٽ (ڪچا) ملازمن کي فوري طور ريگولر ڪيو وڃي ته جيئن سندن روزگار محفوظ ٿي سگهي. ان سان گڏ مطالبو ڪيو ويو ته ملازمن جي ٻارن لاءِ سن ڪوٽا ۽ فوتي ڪوٽا کي فوري طور بحال ڪيو وڃي ته جيئن ملازمن جي خاندانن کي سهارو ملي سگهي.
هنن اهو به مطالبو ڪيو ته ڪنوينس الائونس، هائوس رينٽ الائونس ۽ ميڊيڪل الائونس ۾ به مهانگائي جي تناسب سان مناسب واڌ ڪئي وڃي. اڳواڻن حڪومت کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ هي سلسلو ان وقت تائين جاري رهندو، مسئلن جي حل ٿيڻ تائين جاري رهندو۔
جُون 3, 2025