ڊويزنل فاريسٽ آفيسر سکر ضياد الله لغاري پاران ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ ٻج ڇٽڻ لاءِ اسٽاف سان گڏجاڻي، سخت هدايتون جاري

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) ڊويزنل فاريسٽ آفيسر سکر طرفان ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ ٻج ڇٽڻ جي سلسلي ۾ گڏجاڻي،  ملازمن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت، خبرموجب سکر جي ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ضياد ﷲ لغاري طرفان عدالت جي حڪم تحت ٻيلي کاتي جي زمينن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ ۽ دريائي ڪچي جي علائقن ۾ مختلف فاريسٽ ڪيٽين جي خالي ايراضي تي وڻڪاري لاءِ ٻج ڇٽڻ جي سلسلي ۾ اسٽاف سان گڏجاڻي ڪئي وئي،

ان دوران ملازمن کي هدايت ڪئي وئي ته پنوعاقل، روهڙي تعلقي سميت ضلعي سکر جي مختلف ڪيٽين  ۽ خالي پيل ايراضي تي آبڪلاڻي دوران ٻيلن جي واڌ ويجهه لاءِ وڻن جو ٻج ڇٽڻ جي حوالي سان سان تمام ضروري قدم کنيا وڃن،

گڏوگڏ ٻيلي کاتي جي زمينن تي ٿيل قبضن جي نشاندهي ڪرڻ جي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته جيئن عدالتي حڪم تحت پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد سان ناجائز قبضن جو خاتمو آڻڻ لاءِ موثر ڪارروائي ڪئي وڃي،

گڏجاڻي جي موقعي تي ڊي ايف او سکر ضياد ﷲ لغاري اسٽاف کي ذميواري سان ڊيوٽي ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو ته ڪوتاهي کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو، ڊيوٽي ۾ غفلت برتيندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

جُون 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو