ڇور ٽائون ڪاميٽي جو اجلاس، پاڪ فوج کي خراج تحسين، 3 ڪروڙ ترقياتي بجيٽ رکڻ جو اعلان

Spread the love

ڇور  (رپورٽ: لالجي )ڇور ٽائون  ڪاميٽي جو اجلاس  چيرمين نظر محمد آريسر جي صدارت ھيٺ ڇور ٽائون ڪاميٽي ھال اندر  ٿي گذريو  اجلاس دورن  ڪائونسلر منٺار آريسر پاڪ فوج  پاران دشمن ملڪ جنگ دوران  ڀرپور جواب ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن تي اجلاس ويٺل سمورن ميمبرن مڪمل حمايت ڪئي

  ان موقعي ٽائون  چيرمين نظر محمد آريسر چيو ته اسان ٽآئون ڪاميٽي جا ميمبرس  پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو ٿا ھن ھلندڙ سال جي مختلف ڪمن بابت  ڊولپمنٽ ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا ترقياتي ڪمن جي جانچ ڪري ايندڙ اجلاس ۾ ميمبرن جي راء سان اھا ڪاميٽي ترقياتي ڪمن بابت ڪم ڪندي ڇور شھر لاء  3 ڪروڙ ترقياتي بجيٽ  رکيو ويندو

 ڪل رقم  10.  ڪروڙ جو ڪاٿو آهي ھر وارڊ ۾ ميمبرن جي راء سان مختلف ترقياتي  اسڪيمون ڏيڻ لاء ايندڙ اجلاس ۾ تجويزون ورتيون وينديون اجلاس کي وائيس  چيرمين حاجي مولانا  محمود نھڙي  ڪائونسلر ھندوسنگھ سورج ڀيل , راجو ڀيل حسن ملاح ٻين خطاب ڪيو.

جُون 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو