سڪرنڊ ۾ منشيات خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس، عيد کان پوءِ احتجاجي تحريڪ جو اعلان
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) سڪرنڊ شهر ۽ ٻھراڙيءَ ۾ منشيات جي وڪري ۽ واهپي خلاف سڪرنڊ پريس ڪلب جي قاضي الھ ورايو ميمڻ ھال ۾ سڪرنڊ جي قلمڪارن ۽ سوشل ساٿين پاران آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي وئي. جنهن ۾ ايڪشن الائينس جي آفتاب چانڊيو، ايس يو پي جي ايوب کوسو، جي يو آءِ جي مولوي احسان الله موروجو، مورڙو مير بحر، خالد سولنگي، عبدالصمد گبول، امجد خانزاده، خير محمد لاکو، سيداحسان شاه هندو پنچائت جي پپو عرف گوبند رام ڪائونسلر نور احمد رند ۽ ٻين جدا جدا مشورا ڏيندي چيو ته بد قسمتيءَ سان قانون جي ڪمزور هئڻ ۽ رياستي ادارن جي خاموشي سبب منشيات جو وڪرو ۽ واهپو عام جام ٿي ويو آهي
جنهن سبب نوجوان نسل تباھ ٿي رهيو آهي منشيات کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ئي سگهارو آواز ٿي سگهي ٿو جو اسين چونڊيل نمائندن سان ملاقاتون ڪري کين منشيات خلاف قدم کڻڻ لاءِ چئون هنن اهو مشورو پڻ ڏنو ته منشيات وڪرو ڪندڙن ڏانهن جيڪڏھن ضرورت پوي ته انهن وٽ هلي وڃي به کين منشيات جي وڪري کان منع ڪرڻ جو چئون.
ان سان گڏ سخت احتجاج ڪيا وڃن، آگاهي مهم پڻ هلائي وڃي. اي پي سي ۾ اهو پڻ طئي ڪيو ويو ته عيد کان پوءِ ايڪشن الائينس جي اڳواڻيءَ ۾ منشيات خلاف احتجاج ڪيو ويندو ۽ ان کان پوءِ مرحليوار مختلف تنظيمن جي اڳواڻيءَ ۾ مسلسل جدوجهد ڪئي ويندي.
اي پي سي روشن راهو، محمد الياس خانزاده، مجيد عباسي، حسين بخش ڪيريو، محمد عالم ڪيريو، عبدالحميد آرائين، همت خاصخيلي، ڊاڪٽر اقبال ڀٽي، عبدالرشيد پرهياڙ، راشد ملاح، علڻ رند، شمشاد ملاح، عبدارشيد لاکو، حيدر خانزاده سميت سڪرنڊ پريس ڪلب، نيشنل پريس ڪلب، سنڌ پريس ڪلب، ميڊيا سينٽر، پرائيم ميڊيا ۽ يونائيٽيڊ سوشل فورم جي قلمڪارن ۽ سوشل ساٿين شرڪت ڪئي.
جُون 3, 2025